اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مو??روي ريسٽ ايرياز ۾ شي?? جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو ??ظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي مو??روي ريسٽ ايرياز ۾ شي?? جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو ??هي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي مو??روي کي خط لکيو ??هي. خط ۾ چيو ويو آهي ته مو??روي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون مخصوص ڪيون وڃن، ٽيمون مو??روي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. مو??روي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، مو??روي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن. سٽيزن پورٽل تي شڪايتن جي آگاهي بابت پڻ ريسٽ ايرياز ۾ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي ??هي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.