اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ??ندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ٿي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو ??ينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس ??ڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو ??ئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو ??نهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.