اسلام آباد – 23 8211; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان مل??قات ڪئي. مل??قات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. مل??قات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وزيراعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان ??گاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو ??چولي خاندان ??ي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون پر ان ??ان ??وزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.