اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) حڪومت اعلان ڪيو آه?? ته سينيٽ چونڊن ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان جنرل سيٽ تي شڪست کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن کي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، اسان اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني ته اها سڃاڻپ جوڳا بيلٽ پيپر ڇاپي پر انهن اسان جي درخواست تي عمل نه ڪيو، اڄ افسوسناڪ ڏينهن آه??، جمهوريت جي علمبردارن جمهوري قدرن جي نفي ڪئي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جون شفاف چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوري طرح نه نڀائي نه سگهي، پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي تي اڳ ۾ به ڪارروائي ڪئي هئي ۽ هاڻي به ڪنداسين. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وفاقي و??ير?? اسد عمر، شفقت محمود، فواد چوڌري، شيرين مزاري، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري خاص معاون شهزاد اڪبر، شهباز گل سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو نتيجو اسان ڏٺو ان اسان جي بيانيي کي سگهه ڏني، اسان جو بيانيو هو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منڊيءَ لڳندي ۽ ضميرن جا سودا ٿيندا. هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سيٽ تي اسان جا ٻه اميدوار هئا، هڪ اسان جي عورت اميدوار هئي جنهن ۾ ڪا دلچسپي نه هئي جيئن ته اها کٽي وئي جڏهن ته اسلام آباد جي ٻي سيٽ تي انهن جي دلچسپي شروع کان هئي جيئن ته انهن جمهوريت تي نالي خريد ۽ وڪرو ڪيو. هن چيو ته اڳ ۾ اليڪشن ۾ جڏهن اهڙي قسم جون شڪايتون سامهون آيون ته اسان جي پارٽي قيادت لڳ ڀڳ 20 ميمبرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي، اسان جڏهن اوپن بيلٽنگ جي لاءِ قانونسازي جي ڳالهه ڪئي ته انهن ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي، اسان قانوني راءِ وٺڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايوسين، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آه?? پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن شفافيت جي حوالي سان ناڪام ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ سامهون ايندڙ وڊيو ۾ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جو چهرو ۽ سندس حرڪتون قوم آڏو آه??، پيپلزپارٽي جهڙي طرح جي سياست جو مظاهرو ڪيو آه?? اهو قوم جي آڏو آه??، اسان اليڪشن ڪميشن کان ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مطالبو ڪيو ته انهن معذوري ظاهر ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي، قوم ان ويڙهه ۾ ڏسي رهي آه?? ته ڪير ڪٿي بيٺل آه??، هي حق ۽ باطل جي ويڙهه آه?? جيڪا اسان وڙهندا رهنداسين ۽ اها ويڙهه اسان کٽينداسين، اڄ پاڪستان جي جمهوريت جي لاءِ افسوسناڪ ڏينهن آه??، جمهوريت جي علمبردارن اڄ جمهوريت کي لتاڙيو آه??، جمهوري قدرن جي نفي ڪئي آه??. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي جنرل سيٽ تي سامهون ايندڙ نتيجي کانپوءِ عمران خان ۽ اسان جي پارٽي فيصلو ڪيو آه?? ته عمران خان هن ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو ته جيئن کلي سامهون اچي وڃي ته ڪير عمران خان جي نظريي سان گڏ بيٺل آه??. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪو عمران خان سان گڏ بيٺل آه?? اهو واضح طور تي ان سان گڏ هوندو، جن جو ڪو سياسي نظريو نه آه?? اهي مفاد جي سياست ڪن ٿا، اهي انهن ئي ماڻهن سان گڏ بيٺل هوندا، تحريڪ انصاف جي ڪارڪن کي اهو اعتماد هجڻ گهرجي ته ان ويڙهه ۾ اسان انهن جو مقابلو ڪنداسين، انهن جو مقصد بچاءُ ۽ فرار جي سياست آه?? ۽ هي ان سياست کي جاري رکڻ چاهين ٿا، اسان ان سياست کي دفن ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني راءِ ڏني پر گڏ هن اهو به واضح ڪيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا ميمبر ناراض هئا ته انهن هڪ سيٽ تي اسان کي ووٽ ڏنو ۽ ٻي تي نه ڏنو، اها ناراضگي نه ڪجهه ٻيو آه??، وزيراعظم عمران خان اخلاقي پوزيشن ورتي آه?? ان لاءِ هن ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آه??، وڊيو ۽ آڊيوز جي منظرعام تي اچڻ مان واضح ٿي ويو ته خريد ۽ وڪرو ٿيو آه??، اسان پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي تي اڳ ۾ به ايڪشن ورتو هو ۽ هاڻي به وٺنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جنهن اصول کي پنجاب ۾ اختيار ڪيو ان کي اسلام آباد ۾ ڇو نه اختيار ڪيو ڇو ته انهن جي نيت ۾ کوٽ هئي، هتي انهن کي ڌنڌو ڪرڻو هو، هي ڌنڌي جا عادي آه??، عورت جي سيٽ تي اهي خريد ۽ وڪرو جي لاءِ تيار نه هئا، انهن جو پورو ڌيان يوسف رضا گيلاني تي هو. هن چيو ته اسان سياسي پارٽي آه??ون ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين، اسان پاڪستان جي عوام سان مخاطب آه??ون، هي فيصلائتو مرحلو آه??، ان کي فيصلو ڪرڻو آه?? ته انهن سان گڏ بيهڻو آه?? يا ماضي جي خريد ۽ وڪري جي سياست کي جاري رکڻو آه?? يا انهن جو ڪڙو احتساب ڪرڻو آه??. هن چيو ته جن اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ڪيو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته وڊيو تي جيڪڏهن مخالف ڌر ڪنهن اسٽنگ آپريشن جو الزام هڻي رهي آه?? ته پڇڻو اهو آه?? ته اهي ايترا ٻار آه?? جو انهن کي سمجهه نه آه?? ته اهي ڪنهن سان معاملا طئي ڪري رهيا آه?? هن چيو ته غلطي ۽ بدنيتي ۾ فرق آه?? جڏهن هڪ ميمبر کان غلطي ٿي ته هن کلي اظهار ڪيو ۽ درخواست ڏني ته کيس نئون بيلٽ پيپر جاري ڪيو وڃي جيڪو اليڪشن ڪميشن نه ڪيو.