اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي ??ومي ا??يمبلي مان اعتماد جي ??وٽ جي ??وقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي ??راهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي ??وقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي ??اءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي ا??پيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي ??اءِ سهولتن جي ??راهمي ۽ ا??هار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ??نداسين. وزيراعظم قومي ا??يمبلي مان اعتماد جي ??وٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون ??ي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.