اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه اقبال اوپن يو??يو??سٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کي يو??يو??سٽي انتظاميه جي بدانتظامي جي ڪري ايم ايڊ جي ڊگري جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پالي??ي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آسيه سعيد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يو??يو??سٽي جو چانسلر به آهي، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ يو??يو??سٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ بدر??ن شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آسيه سعيد يو??يو??سٽي جي ايم ايڊ پروگرام ۾ داخل هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تنهن هوندي به هو ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿي سگهي، کيس ان کانپوءِ علامه اقبال اوپن يو??يو??سٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪشاپ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تنهن هوندي به آخر ڪار کيس ڊگري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.