اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسئيشن پاڪستان م??ڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي خلاف مختلف ٽي و?? چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ان هڪطرفي ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مختلف صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن م??اقات ڪئي. صحافتي تنظيمن جي عهديدارن چيو ته پاڪستان م??ڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ مختلف ٽي و?? چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سمورين صحافتي تنظيمن م??ڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن واضح ڪيو ته سمورين صحافتي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن چيو ته ماضي ۾ حڪومتون م??ڊيا مالڪن کان بليڪ ميل ٿينديون رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن م??ڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، تنهن ڪري ان هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان م??قعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني کان ڌار ڪرڻ آهي، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، ٽي و?? ۽ سوشل ميڊيا آهي، هن چيو ته پاڪستان م??ڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آهن ته سوشل ميڊيا ۽ اخبار جي لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي خبر اخبار ۾ ۽ اخبار جي خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان م??ڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آهي، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان م??ڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن پر ان جي باوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آهن، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي و??اقي وزير چيو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آهن، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا آهن، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل جي فيڪ نيوز ۽ صحافتن جي حقن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان م??ڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بل جي باقي شقن تي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.