دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيا??ي رياستن سان ڳنڍڻ چ??هي??ن ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيا??ي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ ??نص??بي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چ??هي??ن ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيا??ي رياستن ان ??نص??بي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مس??لا پيدا ٿيندا.