فيصل آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ??ئي وئي هئي پر ٽيم جي اوچتو واپسي جي فيصلي سان پاڪستاني قوم کي سخت مايوسي ٿي، بار بار اصرار جي باوجود نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪو ثبوت فراهم يا سيڪيورٽي ٿريٽ انفارميشن شيئر نه ڪئي وئي، مريم نواز نيوزيلينڊ جي دوري ملتوي ٿيڻ تي طنزيه ٽوئيٽ ڪري ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو باور ڪرايو آهي ته شريف خاندان کي پاڪستان جي پاسپورٽ جي حرمت جو ڪو پاس نه آهي. مدينه مسجد سمن آباد فيصل ۾ اخوت پاران غريب خاندانن ۾ بنا وياج قرض ورهائڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جو اوچتو دورو ملتوي ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جڏ??ن ته اسان م??چز جي حوالي سان فول پروف سيڪيورٽي فراهم ??ئي جڏ??ن ته ان کان اڳ ڪشمير پريميئر ليگ جي موقعي تي به ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ??ئي وئي هئي. هن چيو ته ان کان اڳ جڏ??ن نيوزيلينڊ جي اندر ئي ڪرائسٽ چرچ جي اندر مسجد تي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي درجنين ماڻهو شهيد ڪيا ويا ان وقت بنگلاديشم جي ٽيم اتي موجود رهي جڏ??ن ته ان کان اڳ جيڪي برطانيا ۾ بم اٽيڪ ٿيا هئا ان وقت به اتي آسٽريليا انگلينڊ جي سيريز هل?? رهي هئي ان وقت به اهي ٽيمون ات?? رهيون ان کانسواءِ به دنيا ۾ مختلف جاين تي اڻوڻندڙ واقعا به ٿيا پر ميچز نه روڪيون ويون جڏ??ن ته هتي ته اهڙو ڪو واقعو ڪو اهرو معاملو به نه هو ۽ پاڪستان جون سموريون انٽيليجنس ايجنسيون، سيڪيورٽي ادارا ان م??قعي تي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ??ر?? رهيا هئا پر نيوزيلينڊ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي ڪا انفارميش شيئر نه ڪئي ۽ هڪطرفي طور تي دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اڄ مسلم ليگ (ن) ۽ ڪجهه ٻين شخصيتن پاران افسوسناڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا ۽ بيانن ۾ پاڪستان جي سبز پاسپورٽ جي عزت نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر انهن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته سبز پاسپورٽ جي عزت تڏهن ٿيندي آهي جڏ??ن توهان ڦرلٽ نه ڪر?? رهيا هجو ۽ مني لانڊرنگ جو پئسو ملڪ کان ٻاهر نه کڻي وڃ?? رهيا هجو ۽ ماڻهن ۽ قوم جو پئسو ڦري ٻاهرئين م??ڪ فليٽ نه ٺاه?? رهيا هجو ۽ جڏ??ن توهان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان جي اندر هجي. هن چيو ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته اهي ماڻهو ڪو موقعو نه ٿا وڃڻ ڏين جنهن سان ڀارت کي خوشي نه ٿي سگهي ۽ جنهن م??قعي تي ڀارت دنيا ۾ پاڪستان جو طنز نه اڏائي سگهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي جن ماڻهن خاص طور تي مسلم ليگ (ن) پاران جيڪي بيان ۽ انهن جي ليڊرن پاران جيڪي ٽوئيٽس آيا آئون سمجهان ٿو ته انهن ننڍي سوچ جو ثبوت آهي. ان سان انهن پاڪستان جي ڪا خدمت نه ڪئي ۽ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ڀارت کي خوش ڪرڻ جي لاءِ جڏ??ن م??بئي حملا ٿيا ته سڀ کان اڳ نواز شريف چيو ته اجمل قصاب پاڪستان جو رهڻ وارو آهي جڏ??ن ته حملو پٺاڻ ڪوٽ ۾ ٿئي ٿو ۽ هي ايف آءِ آر گوجرانوالا ۾ داخل ڪرائي ڇڏين ٿا تنهن ڪري هي ان سوچ مان ٻاهر نڪرن ۽ قومي سوچ اختيار ڪن. هن چيو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جڏ??ن ڊرون حملا ٿيندا هئا ته انهن جي وات مان هڪ لفظ به نه نڪرندو هو اهڙي طرح ڪلڀوشن ياديو پڪڙيو ويو ته انهن جي وات مان پوءِ به هڪ لفظ نه نڪتو پر اهو عمران خان ئي هو جنهن ڊرون حملن جي خلاف لانگ مارچ ڪيو ۽ ڊرون حملن کي قومي سلامتي جي خلاف چيو ۽ انهي وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايبسوليوٽلي ناٽ چيو ته اسان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.