اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ جن ماڻهن پهريُون ڊ??ز هڻايو آهي اهي ميسيج جي انتظار بدران ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تان ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرائين، 30 سيپٽمبر تائين جيڪي ويڪسين نه لڳرائيندا اهي ڪيترين ئي سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ڪورونا ويڪسينيشن بابت پيغا?? ۾ ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪورونا وبا کي پوري دن??ا من??ن ڏئي رهي آهي. مقابلو هڪ ڏکيو مرحلو هو، پاڪستان ڪورونا وائرس کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته ضروري آهي ته فوري طور تي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي ويڪسين لڳرائي پنهنجو پاڻ ۽ معاشري کي محفوظ بڻايو، ڪورونا وائرس جو گراف جيترو هيٺ ويندو معيشت، روزگار ۽ معمولات زندگي ايتري بهتر ۽ محفوظ ٿيندي.