تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي ??حا?? ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي آهن. افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چ??و ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير چ??و ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ افغانستان ۽ علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چ??و ته افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين ??ان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چ??و ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري ??حا?? ڪيا وڃن.