اسلام آباد – 26 – آڪ??وب?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتياط ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت جي شعبي کي طبي پيشيوار ماڻهن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جي ڪري مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان ??روگرام ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ??زي??اعظم جي ڪامياب جوان ??روگرام تحت صحتمند جوان ??روجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ ??زي??اعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معامن محمد عثمان ڊار، گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي نمائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فنڊ جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان ??روگرام بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان ??نصوبي جو مقصد نوجوانن جي شموليت جي ??ري??ي ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان ??روگرام جا مقصد هيلٿ ڪوريج کي وڌائڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خدمتن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ??ري??ي صحت جي ڪوريج کي وڌائڻ جي هڪ پائليٽ پراجيڪٽ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان ??راجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ کي ساراهيو.