اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ نسلن لاءِ اسان کي پنهنجي ماحول کي بچائڻو آهي، دنيا ۾ هاڻي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ احساس پيدا ٿي رهيو آهي، اسان جي حڪومت ٻيلا پوکڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا، شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ورلڊ بئنڪ ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي وچ ۾ سهڪار خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ گڏيل بيان تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ورلڊ بئنڪ جي مدد جو ٿورو ادا ڪندي چي?? ته ورلڊ بئنڪ اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، جڏهن ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسان جو حصو سڀني کان گهٽ آهي، وزيراعظم چي?? ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي ماحول کي بچائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي روڪڻو آهي، وزيراعظم چي?? ته دنيا ۾ برساتون گهٽ ٿي رهيون آهن ۽ گرمي وڌي رهي آهي، جن ملڪن جي ڪري ماحول متاثر ٿيو آهي ۽ موسمياتي تبديليون رونما ٿيون آهن هن صورتحال جو بروقت ادراڪ نه ڪيو ۽ گهڻي دير سان ان مسئلي جي اهميت کي سمجهيو، هاڻي دنيا ??ن صورتحال جو ادراڪ ڪري رهي آهي ۽ اهو احساس پيدا ٿي رهيو آهي ته ماحول کي بچائڻ جي ضرورت آهي ڇ?? ته ان جي منفي اثرن کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ ڪو به نٿو رهي سگهي. وزيراعظم چي?? ته سائيبريا ۾ گرمي پڌ وڌي رهيو آهي، ڪيليفورنيا ۽ آسٽريليا ۾ ٻيلا باهه جو شڪار ٿي رهيا ??هن، دنيا ??ا ڪيترائي ملڪ ان صورتحال کان تمام گهڻا متاثر آهن، جيڪڏهن دنيا ??حتياط نه ڪي?? ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڪلچر به متاثر ٿيندو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان به م??سمياتي تبديلين کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، اسان جا گليشيئرز پگهرجي رهيا ??هن ۽ شهرن ۾ ماحوليات جا مسئلا پيدا ٿي رهيا ??هن، وزيراعظم چي?? ته اسان جيڪي ??دم کڻي رهيا ??هيون ايندڙ نسلن لاءِ اهي ضروري آهن، 10 ارب وڻ پوکڻ اسان جو اهم منصوبو آهي، جن علائقن ۾ ڪڏهن ٻيلا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن هاڻي اسان ٻيلن جي ڊجيٽل ميپنگ ڪئي ته خبر پئي ته ڪيترائي ٻيلا صرف ڪاغذي حد تائين رهجي ويا ??هن ان لاءِ اسان ٻيلا ۽ وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا، اهي نيشنل پارڪس اسان جي تحفظ لاءِ ضروري آهن. ايندڙ نسلن کي به انهن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته نون نيشنل پارڪس جي تحفظ لاءِ ماڻهو رکيا پيا وڃن، ٽيڪنالاجي ۽ ڊرونز جي ذريعي انهن جي مانيٽرنگ به ڪئي پئي وڃي. سيٽلائيٽ ا??يج کان به مدد ورتي پئي وڃي، ڊي آءِ خان ۾ اسان ٻيلا لڳايا ??نهن سان وائلڊ لائيف جو تحفظ به م??ڪن ٿيو ۽ علائقي جي عوام کي به روزگار جا موقعا مليا ??هن ۽ سياحت کي به فروغ ملي رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان کي پنهنجي ٻيلن ۽ پارڪس جو تحفظ ڪرڻو آهي، نون منصوبن لاءِ گارڊز رکيا ويندا، وزيراعظم چي?? ته شهر پکڙجي رهيا ??هن ۽ انهن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، شهرن ۾ سرسبز علائقا گهٽجي رهيا ??هن، مارگلا نيشنل پارڪ کي به تحفظ جي ضرورت آهي، آباديون وڌڻ جي ڪري صاف پاڻي ۽ هوا سميت شهري مسئلا درپيش آهن، ٻيلا گهٽ هجڻ ۽ ماحولياتي آلودگي سان عوام جي زندگين کي به خطرا درپيش آهن، ٻار ۽ ٻڍا خاص طور تي آلودگي جو شڪار ٿي رهيا ??هن. وزيراعظم چي?? ته شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن ۽ شهرن کي هڪ حد ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته م??نگروز کي بچائڻ به وڌيڪ اهم آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينگروز جو تعداد وڌڻ خوش آئنده آهي، ان سان وائلڊ لائيف جو به تحفظ ٿيندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي وزارت ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ سهڪار کي خوش آئئنده قرار ڏيندي چي?? ته اهو منصوبو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ گهڻو اهم آهي.