اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? آهي ته رانا ثناءُ الله ٻڌائي ته ن ليگ کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيندڙ ڀون داس ڪير آهي؟ عوام 2018ع جي اليڪشن ۾ اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، پنهنجو مدو پورو ڪنداسين، ن ليگ وٽ ڪيترائي هيرو آهن، ڪو ايفيڊرين اسمگلنگ ڪندو آهي، ڪو منشيات اسمگلنگ ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويندو آهي. ل??گي اڳواڻ ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽ?? آهي جنهن اليڪشنڪ ميشن کي 40 هزار ڊونرز جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو، ن ل??گي سهولتڪار اڪبر ايس بابر جي فارن فنڊنگ ڪيس کي اسڪروٽني ڪميٽي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ن ليگ ۾ ٻه گروپس کلي سامهون اچي چڪا آهن، هڪ ڏينهن شهباز ش??يف ۽ ٻي ڏينهن مريم گروپ ميڊيا تي اچي پنهنجو روئڻو روئندو آهي، انهن ماڻهن جي منهن مان ادارن جي حدن جي ڳالهه نٿي سونهي، جيڪي ادارن تي حملا آور ٿيندا رهيا آهن، هن چيو ته ن ليگ جي پارٽي اڪائونٽس ۾ شڪي ٽرانزيڪيشنز ثابت ٿي چڪ?? آهي، ن ليگ وٽ 62 ڪروڙ جو ڪو به حساب نه آهي، ن ليگ جا 9 ڳجها بئنڪ اڪائونٽس سامهون اچي چڪا آهن، پي ٽي آءِ اها پهرين سياسي پارٽ?? آهي جنهن پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جي روايت متعارف ڪرائ?? آهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز ش??يف پڪنڪ تي ناهي جيڪو مرضي سان اچي، عدالتي ڀڳوڙو آهي، عدالت سان ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ۾ نواز ش??يف عياشي ڪري رهيو آهي، رانا ثناءُ الله نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ مريم پ??وي?? رشيد آڊيو ليڪ تي به نڪ جي پڪائي سان دفاع ڪري رهيو آهي. ان کي شرم به محسوس نٿو ٿئي.