اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊا??ٽر بندولا گناورڌني ۽ علائقائي تعاون جي رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پر??يهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري جي فروغ جي ح??الي سان ڪيترائي معاهدا موجود آهن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان، سارڪ فورم جي ح??الي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پر??يهي وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊا??ٽر بندولا گناورڌني حڪومت پاڪستان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ا??ائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ وزيراعظم سان سريلنڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پر??يهي وزير پاڪستان سريلنڪا جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي واپاري تعاون جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقاتن جي فروغ تي ا??فاق ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊا??ٽر گناورڌنا سريلنڪا جي واپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.