فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ حڪومت جو شاندار فلاحي قدم آهي ۽ هن وقت تائين 20 لک ماڻهن ان مان لاڀ پرايو ۽ 46 ارب روپين جي ڪليمز جي ادائيگي ٿي چڪي آهي جڏهن ته فيصل آباد جي 32 لک گهراڻا به ان مان لاڀ پرائيندا. هو فيصل آباد ڊويزن جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي تي مشتمل 32 لک خاندانن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جي غرض سان وزيراعظم عمران خان جي زرعي يونيورسٽي فيصل آباد آمد جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ آجياڻي و??رو خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي و??ير اسد عمر، ??فقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، ??حت واري صوبائي و??ير ڊاڪٽر ياسمين راشد، صوبائي و??ير ظهير الدين خان، ميان خيال ڪاسترو، حافظ ممتاز، اجمل چيمه، فيصل آباد ڊويزن جا سمورا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر، ??هم بيورو ڪريٽس، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس عملدار، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز ۽ مختلف مڪتب فڪر جا اهم ماڻهو به موجود هئا. هن چي?? ته اڄ جو ڏينهن فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلعن، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ چنيوٽ جي هر گهراڻي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي ته اڄ وزيراعظم عمران خان اسان جي وچ ۾ موجود ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هر گهراڻي کي 10 لک روپيا ماليت جي يونيورسل هيلٿ انشورنس جو نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو آغاز ڪري رهيو آهي، هن چي?? ته عمران خان جنهن شيءَ جو ارادو ڪيو اهو ڪري ڏيکاريو. هن ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ کٽيو، پنهنجي و??لده کي تڪليف ۾ ڏسي ٽي ڪينسر اسپتال ٺاهيون ۽ هاڻي دکي انسانيت جو احساس ڪندي دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هليٿ پيڪيج متعارف ڪرايو جنهن ۾ نه ڪو پنهنجو ڏٺو نه پرايو، نه غريب نه امير نه ووٽر نه سپورٽر پر هر شهري کي برابري جي بنياد تي هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي شروع ڪئي و??ي جيڪا مديني جي رياست جي سڀ کان اهم خاصيت هئي. هن چي?? ته هن وقت تائين پنجاب، اسلام آباد ۽ ڪشمير جا 20 لک ماڻهو هيلٿ ڪارڊ مان لاڀ پرائي چڪا آهن ۽ 46 ارب روپين جي ڪليمز جي ادائيگي به ٿي چڪي آهي. فرخ حبيب چي?? ته ماضي ۾ ڪنهن جي پيٽ ۾ درد ٿيندو ه?? ته هو آمريڪا، لنڊن، دبئي وڃي قومي خزاني جي لُٽ مار جي رقم مان پنهنجو علاج ڪرائيندو هو پر انهن ڀڳوڙن جي ابتڙ عمران خان جو جيئڻ مرڻ عوام سان گڏ آهي ان لاءِ حڪومت اعليٰ ترين 900 اسپتالن کي هيلٿ ڪارڊ پينل تي رکيو جنهن مان 18 ڪروڙ آبادي تي مشتمل 4 ڪروڙ کان وڌيڪ خاندان لاڀ پرائيندا. هن چي?? ته عمران خان جا چا?? قدم اهڙا آهن جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيا پيو وڃي ان ۾ بلين ٽري سونامي پروگرام، 260 ارب روپين جو احساس پروگرام، ڪووڊ دوران ڪاروباري نظام زندگي جاري ۽ ساري رکڻ جو انتظام ۽ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ شامل آهن، جنهن ۾ صرف پنجاب ۾ 400 ارب روپين جو هيلٿ ڪور فراهم ڪيو ويندو جڏهن ته اهو ڪم نواز شريف ۽ شهباز شريف جهڙا ڀڙڪيون هڻندڙ به نه ڪري سگهيا. هن چي?? ته وزيراعظم جي قيادت ۾ سردار عثمان بوزدار جي نگراني هيٺ 750 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ سان انقلابي قدمن ۽ تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي عمل جاري آهي، ماءُ ۽ ٻار جون 8 اسپتالون ٺهي رهيون آهن، سوين اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، 19 يونيورسٽيون ٺهي رهيون آهن ۽ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي دور ۾ کنڊر بڻجندڙ رستن جي اربين روپين سان تعمير شروع آهي، ان طرح مٿي تي ٽوپي ۽ پيرن ۾ ڊگها جوتا پائي شوبازي ڪرڻ وارن جي ابتڙ عثمان بوزدار خاموشي سان سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي لحاظ کان هو سڄي ملڪ ۾ پهريون پوزيشن تي آهي، هن چي?? ته جن چورن ۽ ڦورئن گڏجي و??ري و??ري سان ملڪ کي لُٽيو هاڻي انهن جي جاءِ ايوانن ۾ نه پر زندانن ۾ آهي، فرخ حبيب چي?? ته عمران خان اسان جي ۽ ملڪ ۽ قوم جي آخري اميد آهي ان لاءِ اسان کي گڏجي عمران خان کي مضبوط بڻائڻوپ وند?? ته جيئن ملڪي تعمير ۽ ترقي ۽ عوامي ڀلائي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رهي سگهي، هن چي?? ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جيڪو عوام لاءِ سوچي رهيو آهي ۽ عمران خان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي، هن چي?? ته اهي ماڻهو جيڪي ڪڏهن پرائيويٽ اسپتال ۾ وڃڻ جو سوچي به نه سگهندا هئا هاڻي اهي علاج ڪرائيندا ۽ خرچ عمران جي حڪومت ادا ڪندي.