اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ??زب??ستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ س??احت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن ج?? بحالي ۽ افغانستان ۾ س??امتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ??زب??ستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي ??زب??ستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ??زب??ستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ س??امتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انسان?? بحران جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وزيراعظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ س??احت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن ج?? بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف وزيراعظم عمران خان کي ??زب??ستان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.