لاهور – 05 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان راولپنڊي، سرگوڌا، فيصل آباد، لاهور، گجرانوالا، ملتان، بهاولپور،ڊيره غازي خان ۽ ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبل?? ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چونڊيل عوامي نمائندن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ جاري مختلف حڪومتي پاليسين، ترقياتي منصوبن، آزا?? پرڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ۽ اسلامو فوبيا لاءِ وزيراعظم جي عالمي سطح تي ڪوششن کي ساراهيو.