ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خضدار ??چلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي ت??ريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي ت?? بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي ڪل ڊيگهه 700 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستي جي 330 ڪلوميٽر حصي خضدار ??چلاڪ کي نئين سر تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي ت?? 37 پليون ۽ هڪ هزار ??لورٽس ٺاهيا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار ??ان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. رستي جي تعمير سان 5 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.