اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثال?? دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ وار?? دور کانپوءِ پاڪستان ج?? دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي ولد عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزار?? عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪ?? دورو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثال?? دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو. هن چيو ته چئن سالن جي گهٻراهٽ ج?? دور کانپوءِ پاڪستان ج?? دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول ??اڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، سعودي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.