اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مزدور ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اسان اسلام، پاڪستان جي آئين ۽ عالمي معيارن موجب مزدورن جي ڪم جي حالتن کي بهتر ب??ائينداسين، اسان مزدورن ۽ انهن جا مسئلا هر سطح تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آئون مزدورن جي هن عالمي ڏينهن تي پاڪستان ۽ پوري د??يا جي مزدورن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. مزدورن جي ترقي کانسواءِ د??يا جي حقيقي ترقي اڌوري آهي. هن ڏينهن تي شڪاگو جي انهن مزدورن کي ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جن جون قربانيون مزدورن جي حقن جي لاءِ هڪ عالمي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته د??يا جي ترقي پورهيتن جي محنت جو نتيجو آهي. مزدورن جي صحت ۽ حفاظت جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آئي آيل او) جون ڪوششون ساراهه جوڳيون ۽ انتهائي مناسب آهن. هن چيو ته مزدور ۽ پورهيت جن ۾ پڙهيل لکيل، ناخوانده، هنرمند ۽ غيرهنرمند شامل آهن ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.