اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ لاءِ يو??يورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن کي پوري طرح سمجهڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽ??وٽ آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽ??وٽ آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اسحاق خان انسٽيٽ??وٽ آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينئر مينيجمينٽ جي ميمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يو??يورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته يو??يورسٽين کي پنهنجي گريجوئيٽس کي مهارت فراهم ڪرڻ لاءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽ??وٽ آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ تيڪنالاجي اجلاس کي يونيورسٽي پاران تعليم جي فروغ لاءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽ??وٽ آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هڪ جامع آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسواءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽ??وٽ آف انجنيئرنگ ??ائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي تعليم جي معيار کي وڌائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، اجلاس کي مستقبل جي پروگرامن سان گڏوگڏ يو??يورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.