ڊيره اسماعيل خان – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل هوندا جڏهن ته متاثرين کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين، ٽانڪ ۾ 100 گهرن تي ٻڌل بستيءَ جو ٻن هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، گهر?? جي تعمير جي لاءِ روڪ رقم ڏيڻ يا گهر تعمير ڪري ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، برسات?? جي ڪري ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ ننڍين ڊيم?? جي تعمير ڪرڻي پوندي، پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا، متاثري?? جي امداد شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين ۽ ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. وزيراعظم ڊيره اسماعيل خا?? جي ٻوڏ کان متاٿر سگو پل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٽريفڪ جي بحالي ۽ ٻين امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رستن ۽ پلي?? جي بحالي جي لاءِ اين ايڇ اي ڏينهن رات ڪم ڪيو. ٻوڏ متاثري?? جي مدد جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا. سگو پل جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ صورتحال جي جائزي جي لاءِ توهان وٽ حاضر ٿيو آه??ان. گذريل ڀيري ٽانڪ ۽ ڊيره آيو هئس ته ان وقت هي علائقا تازي برسات?? جي تباهي کان اڳ جي ريلي ۾ مشڪل مان نڪري رهيا هئا. پنهنجي ساٿين سان گڏ وڃي متاثرين کي تسلي ڏني هئي ته هن وقت مشڪل وقت آهي ۽ قدرتي آفت آهي پر الله جي مدد سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ادارا ۽ پاڪ فوج گڏجي پسند ناپسند ۽ سياست کان مٿانهون ٿي علائقي جي خدمت لاءِ ڪم ڪندا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، اسعد محمود ۽ امير مقام سميت صوبائي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سگهه موجب ڀرپور ڪم ڪيو. پاڪ فوج جا ٿورا مڃون ٿا جنهن هر جڳهه تي متاثرين کي مدد فراهم ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ڏينهن رات انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين متاثر علائقن ۾ جيستائين نظر پوي ٿي پاڻي بيٺل آهي، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي آهي. سوات ۾ درياءَ جي اندر تعمير سنگين غلطي هئي، اتي قطعي طور تي تعميرات جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها، اتي ٻوڏ ريلي تباهي ڪئي. لوئر ڪوهستان ۾ 5 ماڻهو 5 ڪلاڪن تائين تيز لهرن ۾ بيٺل رهيا ۽ الله کي پيارا ٿي ويا. هن چيو ته غذر ۾ ڳوٺن جو نالو نشان نه رهيو. هڪ خاندان جا 8 ماڻهو فوت ٿي ويا. هڪ ٻارڙي ۽ ا?? جي خاندان جو معذور ڀاتي زندهه بچيا، انهن کي يقين ڏياريو ته انه?? جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. اتا?? جي مقامي ماڻهن کان به اميد آهي ته انهن جو خيال رکندا. هن چيو ته ان کان اڳ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ تباهي ناهي ڏٺي. گذريل حڪومت وسيل?? جي بربادي ڪئي. اسان کي سياست کي هڪ طرف رکي خدمت ڪرڻي آهي. وفاق ۾ حڪومت مخلوط آهي. هن حڪومت پهرين 28 ارب رپيا متاثر خاندان?? جي لاءِ رکيا. 25 هزار رپيا في خاندان ڏنا پيا وڃن. انهن ۾ 20 ارب رپيا شفاف طريقي سان بي آءِ ايس پي جي ذريعي ورهائجي چڪا آهن. ٻوڏ جي تباهي?? جي وڌڻ سان حقيقت?? جي بنياد تي ڪاٿو هاڻي 70 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. اهو مالي بار وفاقي حڪومت برداشت ڪري رهي آهي باقي خرچ ان کانسواءِ آهن. ان کانسواءِ فوت ٿيندڙ?? جي لاءِ 10، 10 لک في ڪس ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون. وفاقي حڪومت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ متاثري?? جي لاءِ اهي وسيلا فراهم ڪري رهي آهي. صوبا به پنهنجي وسيلن مان ڏئي رهيا آهن. انهن کي به وڌيڪ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي جي ذريعي 2 لک خيما چئني صوبن کي نقصان?? جي ڪاٿي موجب فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اين ايڇ اي، وزير ۽ مواصلات واري سيڪريٽري متاثر رست?? جي بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. اسان اهو نه ڏٺو ته وفاق يا صوبن ڪنهن جو ڪم آهي. اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي اتي وبائي مرضن جو چئلينج درپيش آهي. هتي صحت جي سهولت?? جي فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کربين رپيا گهربل هوندا. ه?? تمام وڏو چئلينج آهي. دوست ملڪن پاران امداد جي فراهمي تي انهن جا ٿورائتا آهيون. متاثرين کي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين. ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. حقدار کي هر صورت ۾ ان جو حق ڏياريو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٽانڪ ۾ هڪ سرندي واري شخص جي مالي تعاون سان 2 ڪمرن تي ٻڌل 100 گهرن جو 2 هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب ٿيو ته ان کي سمورن متاثر علائقن تائين وڌائينداسين. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن. انهن کي معاوضو ادا ڪرڻو آهي. جڏهن ته ا?? جي لاءِ اهو سوال اٿي رهيو آهي ته گهر?? جي تعمير جي لاءِ روڪ رقم ڏني وڃي يا گهر ٺاهي ڏنا وڃن. ان ۾ ڪجهه خدشا به آهن. ڪجهه آسانيون ۽ ڪجهه مشڪلاتون به آهن. وزيراعظم چيو ته موجوده ٻوڏ برسات جي ڪري آهي. چوماسي ۾ ٻوڏ دريائن ۾ طغياني جي ڪري اچي ٿي، ا?? جي لاءِ مستقل منصوبابندي ڪرڻي پوندي. ننڍا ڊيم ۽ پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا. ان صورتحال هر شيءَ کي تباهه ڪيو آهي. ان سان غربت سميت ڊگهي عرصي تائين اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته اهي سموريون صوبائي حڪومتن، ادارن، پاڪ فوج، فلاحي تنظيمن جا ٿورائتا آهيو?? جيڪي متاثري?? جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن متاثرين کي چيو ته اهي صبر کان ڪم وٺن. آخر شخص ۽ گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجون ذميواريون نڀائيندي هر جڳهه تي وڃي رهيو آه??ان. متاثرين کي هر حال ۾ وسيلا فراهم ڪنداسين. اسان کي صبر، اتحاد ۽ اتفاق سان ڪم وٺڻو پوندو. انصاف ۽ شفافيت اسان جو مقصد هوندو. ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم اي) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان وزيراعظم جا ٿورا مڃون ٿا جو هن مشڪل وقت ۾ اسا?? جي دادرسيءَ ڪئي ۽ پاڻ هتي آيو. اين ايڇ اي ۽ بين ادارن ڏينهن رات ڪم ڪيو جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. فوجي جوانن مقامي ماڻهن ۽ امدادي تنظيمن سان گڏجي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو، اسان انه?? جي دل سان قدر ڪريون ٿا. متاثري?? جي لاءِ کاڌو ۽ امداد پهچائي. هن چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ مستقل بنيادن تي منصوبابندي ۽ قدم?? جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته تباهيون جاري رهنديون. مفتي محمود اسپتال ۾ پاڻي چڙهي ويو. آبادي کي بچائڻ جي لاءِ وڏا رستا ڪاٽيا ويا. اين ايڇ اي فوري ڪارروائي ڪري رستا بچايا. بلوچستان ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. سوات، دير، ڪوهستان ۾ تمام گهڻيون تباهيون ٿيون آهن. نقصانن جا سمورا تفصيل وزيراعظم آڏو رکيا آهن ته جيئن دل کولي متاثري?? جي مدد ڪري سگهجي.