اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان فرانس سان ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ??بب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وز??راعظم ٻوڏ ??تا??ر ماڻهن سان يڪجهتي ۽ مدد تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ ??تا??رين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نقصانن جو پئمان?? ۽ ??دت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪردار جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ??ن جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري ريسڪيو کانسواءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وز??راعظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فرانس سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فرانسيسي سفير ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ فرانس سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.