اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد تو??نا??ي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل تو??نا??ي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پ??دا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پ??دا ڪرڻ جي لاءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان قابل تجديد تو??نا??ي جي استعمال طرف وڌون. وزيرا??ظم چيو ته شمسي تو??نا??ي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان قائدا??ظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد تو??نا??ي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، تو??نا??ي واري وفاقي وزير ا??جنيئر خرم دستگير، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، وزيرا??ظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وزيرا??ظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.