اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن و??ري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران ????ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قزاخستان ??ي گادي و??ري شهر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن و??ري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان ??و موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم سيڪا جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪ??ري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ??يشيا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ سماجي ۽ ??عا??ي ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ ??عا??ي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان ??هو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ??يشيا ۾ رابطن ۽ ??عا??ي تعاون جي فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.