اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ڪئي ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي ??بر ملي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر ان جي موجب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ??يو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي ??ائ?? صدر جي آفيس سان به رابطو ??يو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏي??ي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاران انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏي??ي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي ??هي. بيان موجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي ??و انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان عملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.