شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ??لا??ميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان، وزيراعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ما??ولياتي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ما??وليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ما??ولياتي خطرن جي حوالي سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا جي صدر گڏيل ميزباني ڪئي. وزيراعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ما??ولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي موسمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوطي سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ما??وليات جي حوالي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ما??ولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ما??ولياتي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته ما??ولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وجهندي وزيراعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت ??کن??ڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي وسيلن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ وزيراعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا وزيراعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ما??ولياتي تبديلي جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسمياتي تبديلي بشمول ما??ولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.