اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن اقبال چيو آهي ته اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي، ترقي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ٻو?? سبب نقصان 46.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. ٻو?? سبب غربت ۾ 3.7 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، 84 لک کان 91 لک ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، ٻو?? سبب 3 ڪروڙ 30 لک آبادي متاثر ٿي آهي، 25 غريب ترين ضلعن ۾ پڻ 19 ضلعا ٻو?? سبب متاثر ٿيا آهن. فرينڊز آف پاڪستان ڪانفرنس 10 جنوري تي منعقد ٿيندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ترقيءَ واري اداري جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻو?? کانپ??ءِ ڪيترائي چئلينج موجود آهن، سمورن سارڪ ملڪن کي بهتر زندگيءَ جي معيار جا چئيلنجز سامهون آهن. سارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون، رو?? ۽ يوڪرين جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. سارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون عالمي برادريءَ جو توجهه چاهين ٿيون، عالمي امدادي ادارا سارڪ ملڪن کي 30 کان 35 سالن جي ڊگهي مُدي جا قرض ڏين، سارڪ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُدي وارن فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ موسمياتي تبديليءَ جهڙا چئلينجز آڏو آهن. رو?? ۽ يوڪرين جنگ سبب اُسرندڙ ملڪن تي دٻاءُ آهي، بين الاقوامي مالياتي ادارا اُسرندڙ ملڪن کي ڊگهي مُدي جا سستا قرض فراهم ڪن. ڊاڪٽر احسن اقبال چيو ته معاشي بحالي هڪ ڊگهي مُدي واري ايجنڊا آهن، خطي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ادائگي جي توازن جا بحران موجود آهن، اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ٻو?? سبب لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، سماجي تحفظ جي پروگرامن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.