اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پو??ي معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي ع??رت?? جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذهني بيمار آهن، اختلاف راءِ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهن، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام ح??صل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته ع??رت??ن سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ماڻين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، ع??رت?? جي خلاف اها بدنما مهم رڳو عورت هجڻ جي ڪري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته ع??رت?? جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، ع??رت??ن حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي علامت بڻجي چڪيون آهن، اهڙي بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.