اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوضي جي 4 سالن کان عدم ادائيگي تي نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪر?? جي 23 متاثرين کي چئن سالن تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن سالن جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي ل??ءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪر??ئي. هن چيو ته اٿارٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن سالن کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان اٿارٽي روڊ جي تعمير جي ل??ءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿي?? جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿارٽي کان معاوضي جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي جي درخواست کي مڪمل طو?? غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.