اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فٽبال جي فروغ لاءِ عالمي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۽ رانديگرن ??ي هر س??ح تي ڀرپور حوصلا افزائي ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان عالمي حصيدارن سان رابطو وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان فٽبال في??ريسن جي لاءِ فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي کي ملڪ ۾ فٽبال جي معاملن بابت مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪستان جي مردن ۽ عورتن جي قومي فٽبال ٽيمن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جو چيئرمين هارون احمد ملڪ ۽ ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا. صدر رانديگرن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال ڪافي مقبول آهي ۽ ملڪ ۾ ان راند جا لکين شائقين آهن، فٽبال کي ضلعي ۽ ڪلب جي سطح تي فروغ ڏنو وڃي. هن رانديگرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجو ملڪ جو وقار بلند ڪرڻ ۽ تشخص کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن ڇو ته اهي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جا سفير آهن. هن وڌيڪ چيو ته کيس رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته اهي علائقائي ۽ عالمي مقابلن ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪندا. صدر ان ڳالهه تي ا??سوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان فٽبال في??ريسن (پي ا??ف ايف) جي ا??دروني سياست ان جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي مدد سان پي ا??ف ايف جي ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري ا??ندي. فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين هارون احمد ملڪ صدر کي بريفنگ ڏني ته پاڪستان ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو فٽبال کيڏن ٿا، في??ريسن جي ا??تظام کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته عورتن جي قومي ٽيم 8 سالن کانپوءِ ۽ مردن جي قومي ٽيم 4 سالن کانپوءِ پنهنجو پهريون عالمي مئچ کيڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين ملڪ جي 163 ضلعن مان اٽڪ?? 4600 ڪلب رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ دستاويز ۽ فزيڪل اسڪروٽني جو عمل مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مردن جي ٽيم 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته عورتن جي قومي ٽيم هن سال پيرس 2024ع جي ا??لمپڪس ڪواليفائرز ۾ کيڏندي.