اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي وي?? تي خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو جلد خا??مو آڻينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.