اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيدن جي پو??ئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪي??. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪي??. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پو??ئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪي??. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪي?? ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد ??هي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.