اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي ڪري پي ٽي وي اه?? عالمي مقابلا ڏيکارڻ ک??ن محروم رهيو، اسان اقتدار ۾ اچي فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس س??ن معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا. قومي اسيمبلي ۾ شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ۾ راندين جا عالمي مقابلا ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا س??ن معاهدن جي لاءِ هڪ سيل قائم ڪيو آهي، راندين جي مقابلن ک??ن هڪ سال اڳ انهن معاهدن جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ٿي پر اڳوڻي حڪومت ان حوالي سان ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، پي ٽي وي جي اسڪرين کي اه?? اه?? عالمي مقابلا ڏيکارڻ ک??ن محروم رکيو ويو پر جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس س??ن معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا، اسان ??ن معاملي جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جي رپورٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ريڊيو ۽ 20 علائقائي زبانن جا 300 پروگرام روزانو ٿين ٿا. هن چيو ته غيرمسلمان پاڪستانين جي مذهبي رسمن ۽ تهوارن جي حوالي سان به ۽ علائقائي زبانن ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا. شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري شهباز بابر چيو ته پي ٽي وي سدائين راندين جو?? سرگرميون ڏيکاريون آهن، اسان جي حڪومت 2022ع ۾ آئي، ان ک??ن اڳ اڳوڻي حڪومت فيفا سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، ??ن معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي جلد رپورٽ ايندي. شيخ روحيل اصغر جي سوال جي جواب ۾ شهباز بابر چيو ته پي ايس ايل جا مئچ به ان لاءِ نه ڏيکاريا ويا ڇو ته هڪ نجي ٽي وي چينل کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ??ن معاملي تي به ڪارروائي جاري آهي. يقين ڏياريان ٿو ته اڳتي پي ٽي وي سموريون مئچون ڏيکاريندو.