اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت خدمتن جي فراهمي جي پنهنجي ساک کي برقرار رکندي پنهنجي پهرين سال ۾ 300 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي. وزيراعظم 11 اپريل 2022ع تي عهدو سنڀالڻ کان وٺي پاڪستان کي ت??ان??ئي جي شعبي ۾ پاڻڀرو ڪرڻ جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي وڏي اڳڀر??ئي ڪئي آهي. دستياب انگن اکرن موجب هن گذريل هڪ سال ۾ 5 اهم بجلي گهرن جو افتتاح ڪيو، جنهن سان ملڪ جي ت??ان??ئي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ 3150 ميگاواٽ ت??ان??ئي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. اها ڳالهه واضح آهي ته گرمين ۾ پاڪستان جي ت??ان??ئي جي ضرورتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ طلب ۽ پهچ جو فرق هزارين ميگاواٽ تائين وڌي وڃي ٿو. ت??ان??ئي واري وزارت جي انگن اکرن موجب گذريل سال آگسٽ ۾ بجلي جي پهچ 20500 ميگاواٽ جي مقابلي ۾ طلب 28 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي هئي تنهن ڪري موجوده حڪومت گرمين ۾ بجلي جي بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪوئلي جهڙي ت??ان??ئي جي مقامي وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم گذريل مهينن ۾ سنڌ جي پنهنجي دورن دوران ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل 1980 ميگاواٽ جي ٽن پاور پراجيڪٽس جو افتتاح ڪيو. اهي منصوبا پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت چين جي تعاون سان مڪمل ڪيا ويا. انهن منصوبن ۾ ٿر انرجي جو 330 ميگاواٽ جو پاور پل??نٽ?? مٺي ۾ 330 ميگاواٽ جو ٿل نووا پاور پلانٽ ۽ ٿر ۾ 1320 ميگاواٽ جو شنگه??ئي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ شامل آهي. ڪوئلي سان هلندڙ پاور پل??نٽ?? هر سال اٽڪل 15 ارب يونٽ گهٽ لاڳت جي بجلي پيدا ڪندا. حڪومت ٿر جي 175 ??لي?? ٽن ڪوئلي جي ذخيرن مان فائدو کڻڻ جي خواهشمند آهي ۽ ت??ان??ئي جي ماهرن موجب جيڪڏهن ذخيرن ۾ صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ته ايندڙ 300 سالن تائين ملڪ جي بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندو. حڪومت ملڪ جي ڪوئلي سان هلندڙ پاور پل??نٽ?? کي ترتيبوار ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد مهانگي درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ڪرڻ آهي. هن سال فيبروري ۾ وزيراعظم ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ ڪي – ٿري جو پڻ افتتاح ڪيو جيڪو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 60000 ميگاواٽ جي غيراستعمال شده پن بجلي جي صلاحيت موجود آهي. پن بجلي جي پيداوار طرف اڳڀر??ئي ڪندي ڊسمبر 2022ع ۾ وزيراعظم منگلا پاور اسٽيشن جي ٻن تجديد شده يونٽن جو افتتاح ڪيو. انهن يونٽس کي آمريڪا جي عالمي ترقي بابت اداري (يو ايس ايڊ) جي مالي معاونت سان اپ گريڊ ڪيو ويو جنهن سان ٽرانسميشن سسٽم ۾ 70 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيو آهي. دستياب انگن اکرن موجب پاڪستان جو ت??ان??ئي جو ساليانو درآمدي بل 27 ??لي?? ڊالر ۽ ڳڻتي جوڳي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ان کي فوري طور تي شمسي، هوا، هائيڊل ۽ نيوڪليئر سميت ت??ان??ئي جي متبادل مقامي ذريعن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو ت??ان??ئي جو شعبو هن وقت تيل ۽ گئس جي درآمدات تي تمام گهڻو دارومدار ڪري ٿو تنهن ڪري وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ان دارومدار کي گهٽ ڪرڻ ۽ صاف ت??ان??ئي جي مقامي ذريعن طرف وڌڻ جي لاءِ وڏا قدم کنيا آهن. سڀ کان اڳ ترقي بابت سعودي فنڊ (ايس ايف ڊي) اپريل ۾ پاڪستان جي مهمند ملٽي پرپز ڊيم پراجيڪٽ جي لاءِ 240 ملين ڊالر جي قرض معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. هن مهيني قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) پڻ 1.2 ٽريلين رپين جي لاڳت جي ديامير ڀاشا هائيڊرو پاور جنريشن پراجيڪٽ جي منظوري ڏني. شهباز شريف حڪومت اڳ ۾ ئي چيني ڪمپنين جي تعاون ۽ سيڙپڪاري حاصل ڪندي پاڪستان ۾ انهن ٻن وڏن هائيڊرو پراجيڪٽس جي تعمير ۾ مصروف آهي ته جيئن گهٽ لاڳت ۽ پائيدار ت??ان??ئي سان بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي.