رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اي??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، 100 ميگاواٽ گبد – پولان بجلي پهچ منصوبو پاڪ اي??ان لاڳاپن ۾ نئين باب جو اضافو آهي، ٻنهي ملڪن جي عو??م ۽ قيادت کي گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انقلاب آڻڻو پوندو، اهو مشڪل ڪم نه آهي، بارڊر سيڪيورٽي مڪينزم کي وڌيڪ ٺ??س بڻايو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عو??م جي دلين ۾ ڏار وجهندڙن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 100 ميگاواٽ گبد – پولان بجلي پهچ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اي??ان جو صدر ابراهيم رئيسي پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان ۽ اي??ان جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اي??ان ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جيڪي اسلام، محبت، ٻڌي ۽ ثقافتي رشتن سان نه رڳو ڳنڍيل آهن پر اسان جي تاريخ صدين تي ٻڌل آهي. هن ??يو ته اي??ان پاران اڄ اسان جو شاندار استقبال ڪيو ويو جنهن تي آئون اي??ان جي صدر جو ٿورائتو آهيان. هن ??يو ته اڄ ٻنهي ملڪن پشين مند بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو، اهڙي طرح جون 6 وڌيڪ مارڪيٽون ٺاهيون وينديون ۽ ان نظام سان نه رڳو خطي ۾ خوشحالي ايندي پر ترقي جو نئون سفر شروع ٿيندو. هن ??يو ته هي منصوبو اي??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري رابطن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو سنگ ميل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان 100 ميگاواٽ جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو آهي جنهن سان گوادرجا شهري فائدو کڻندا. هن ??يو ته بدقسمتي سان هي منصوبو ڪيترن ئي سالن کان التوار جو شڪار هو ۽ اها دير اي??ان پاران نه پر پاڪستان پاران هئي. هن ??يو ته اي??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، ان حوالي سان اي??ان جي صدر سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي عو??م جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪئي ويندي. اسان ان ۾ ايندڙ مشڪلات ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اڄ اي??ان جي صدر سان شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي پڻ ڳالهه ٿي اهي جنهن تي اي??ان جي صدر اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ اسان جي ٽيم جلد تهران ويندي ۽ اسان کي اميد آهي ته اي??ان مان به اسان جا ڀائر پاڪستان ايندا. وزيراعظم چيو ته هن اي??ان جي صدر کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ان کي ڀائراڻي درخواست ڪئي آهي ته اسان جي اسيمبلي جو مدو 16 آگسٽ تي ختم ٿي يوندو، مون کي پوري اميد آهي ته هو ان مدي جي ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان ايندو ۽ اسان کي ميزباني جو موقعو فراهم ڪندو، پاڪستان جي عو??م ان جي دوري جي منتظر آهي. شهباز شريف چيو ته اي??ان ۽ پاڪستان اسلام، ٻڌي ۽ محبت جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ان محبت ۽ رشتي جي عڪاسي نه ٿا ڪن تنهن ??ري اسان کي ان ڏس ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال جو ذڪر ڪندي چيو ته علامه اقبال کي اي??ان ۾ اقبال لاهور جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، هن پنهنجي شعرن ۾ چيو هو ته ”تهران هوا گر عالمِ مشرق ڪا جنيوا…. شايد ڪره ارض جي تقدير بدل جائي“ اهڙي طرح اي??ان جي شاعر محمد تقي بهار پاڪستان جي لاءِ شاعراڻي انداز ۾ دعا ڪئي هئي ته ”الله اسان جي ڀائر ملڪ پاڪستان تي رحمتون نازل فرمائي ۽ پاڪستان کي هر قسم جي ڏک ۽ پريشاني کان پري رکي، پاڪستان تي ڪا آنچ نه اچي“. وزيراعظم چيو ته هي اهي محبت ڀريل خيال آهن جيڪي اي??ان ۽ پاڪستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ آهن. وزيراعظم چيو ته 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو ته اي??ان پهريون ملڪ هو جنهن پاڪستان کي فوري طور تي تسليم ڪيو ۽ جڏهن اي??ان ۾ 1979ع ۾ انقلاب آيو ته پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن انقلاب اي??ان جي تائيد ڪئي، اها اسان جي تاريخ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي هن تاريخي ڏينهن اسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن جي عو??م ۽ قيادت کي گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انقلاب آڻڻو پوندو، اهو مشڪل ڪم نه آهي. هن ??يو ته اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي اڄ تمام گهڻي موزون ڳالهه ٻولهه ڪئي، اي??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سرحد محبت، ٻڌي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سرحد آهي، اها امن ۽ سلامتي جي علامت آهي تنهن ??ري بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن جي ذهن ۾ ڪوبه شڪ نه هجڻ گهرجي، ٻئي ملڪ ان سرحد کي امن ۽ سلامتي جو بارڊر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سموري صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندا. هن ??يو ته مون ان حوالي سان تجويز پيش ڪئي هئي ته بارڊر سيڪيورٽي مڪينزم کي وڌيڪ ٺ??س بڻايو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عو??م جي دلين ۾ ڏار وجهندڙن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي سگهجن. هن اي??ان جي صدر کي يقين ڏياريو ته هو پاڪستان واپس وڃي ان حوالي سان هڪ اجلاس منعقد ڪندو ۽ اي??ان جي صدر جي تجويزن جي روشني ۾ ”جوائنٽ سيڪيورٽي مڪينزم“ جي حوالي سان مناسب قدم کنيا ويندا. وزيراعظم ان موقعي تي اي??ان جي سپريم ليڊر ۽ اي??ان جي عو??م کي پاڪستان جي عو??م پاران سلام پيش ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترقي جو هي سفر تيزي سان منزلون طئي ڪندو. توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گبد پولان ٽرانسميشن لائين رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪئي وئي، ان منصوبي سان پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. هن ??يو ته گوادر جي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ هتي صنعتي ترقي ٿيندي. توانائي واري وفاقي وزير منصوبي جي افتتاح تي اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن ??يو ته برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي باوجود هي منصوبو رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو، هن منصوبي سان پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.