اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خ??ن جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خ??ن جا آئيني حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خ??ن جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاثن کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، آئين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي ??ئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گ??ري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خ??ن جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.