اسلام آباد- 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ تي بحث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ، زراعت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ عدالتن طرفان انصاف جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ وقفي بعد بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته هڪ شخص نوجوانن جي ذهنن ۾ انتقام، بداخلاقي ۽ نفرت جو زهر ڀري ڇڏيو آهي، تربيت تي توجهه ڪرڻي پوندي ته جيئن ان جو خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي ??عي??ر کي ترجيح ڏني ويندي. جمهوريت جو حصن اختلاف راءِ ۾ آهي، اسان کي ويهي ميثاق ??عي??ت ڪرڻي پوندي، ريگيوليٽري اٿارٽيز کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ??يڙپڪاري نٿي ٿي سگهي. پي ٽي آءِ ج?? ميمبر احمد حسين ديهڙ چيو ته مهانگائي ۽ ناڻي واڌ تي ڳالهائيندس، غريب ماڻهن کي تمام گهڻيون ڏکيائون آهن، انهن کي گذريل 4 سالن کان خواب ڏيکاريا ويا جيڪي ساڀيان نه ٿي سگهيا. 10 سالن لاءِ ميثاق ??عي??ت ڪيو وڃي. وزيراعظم جي ان حوالي سان قدمن جي واکاڻ ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملازمن جي پگهارن ۾ معقول اضافي تي مبارڪون ڏيون ٿا، اسڪيل هڪ کان 10 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، بارٽر سسٽم جو معاهدو اهم آهي. ان سان ??عي??ت بهتر ۽ ڊالر ڪنٽرول ۾ ايندو. هن چيو ته شمسي توانائيءَ کي هٿي وٺرائي وڃي، موسمياتي تبديلين جو بدترين شڪار پاڪستان آهي، ان جي ازالي لاءِ ??المي ادارن کي واجب الادا قرضن تي وياج جي ادائگي ۾ ڇوٽ ملڻ گهرجي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ يو اي اي اي کان امداد بجاءِ ??يڙپڪاريءَ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهرجي. پ پ جي ميمبر علي موسيٰ گيلاني چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ ??ملي ڪم پ پ ڪيو، سينيٽ مان ان جي اتفاق راءِ ج?? ڪريڊٽ يوسف رضا گيلاني ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ جا خدشا دُور ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر چوڌري عابد رضا چيو ته اسحاق ڊار متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو. پ پ جي ميمبر نويد عامر جيوا بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته بجيٽ سازي چونڊيل نمائندن ذريعي ٿيڻ گهرجي، اسان کي بجيٽ ٺاهڻ جي عمل تي نظرثاني ڪرڻ هجي. اسلام آباد ۾ ڪچين آبادين کي ڊاٺو پيو وڃي، بجيٽ ۾ انهن مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. اقليتي پاڪستان جا برابر شهري آهن، اتحادي حڪومت متحد آهي. هن چيو ته اقليتي ميمبرن ترقياتي فنڊ لاءِ ??رخواست ڪئي آهي اها فنڊ جاري ڪيا وڃن.