اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي ??عاون وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ??يندي چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??کڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ??ي لاءِ سمورن حصيدارن کي ڀليڪار ??وي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، پاڪستان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي ??عاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ??نو ۽ چيو ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي ??ايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ ??ي لاءِ ڀليڪار ??وندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن ??ي لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري حصيدار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي ??عاون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار ??ي ساراهيو.