اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس (ايل آئي ايم ايس) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. تقريب ۾ ناڻي، منصوبابندي ۽ ترقي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ، اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن، صوبائي حڪومت جي چيف سيڪريٽرين، ز??عي ماهرن ۽ سينيئر فوجي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 36.9 سيڪڙو پاڪستاني غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ انهن مان 18.3 سيڪڙو کي خوراڪ جو شديد بحران درپيش آهي. موجوده غذائي عدم تحفظ، وڏي پئماني تي غذائي کوٽ ۽ ز??عي مصنوعات جي وڌندڙ درآمدي ب?? سان گڏوگڏ آب??دي ۾ اضافي ۽ مستقبل جي گهريلو غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قومي، سياسي، اقتص??دي ۽ فوجي قيادت ان اهم مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ نتيجاخيز قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايل آئي ايم ايس جو قيام پهريون غيرمعمولي قدم آهي جنهن جو مقصد غذائي تحفظ کي وڌ??ئڻ ۽ ز??عي روانگي واپار کي ب??تر بڻ??ئڻ آهي ۽ اهڙي طرح ملڪ جي اندر لکين ايڪڙ غيرپوکيءَ شده/ گهٽ پيداوار واري زمين کي تبديل ڪري قومي ناڻي تي درآمدي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. هي جديد ترين نظام جديد ٽيڪنالاجيز ۽ زمين جي ز??عي ماحولياتي صلاحيت تي ٻڌل پائيدار دوست ز??عي طريقن جي ذريعي ز??عي پيداوار کي ب??تر بڻ??ئڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته ڳوٺاڻي آبادين جي ڀلائي ۽ ماحوليات جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو. جي آءِ ايس تي ٻڌل ايل آئي ايم ايس زراعت جي ڊيجيٽلائيزيشن کي منظم ڪري قومي ز??عي پيداوار کي ب??تر بڻائيندو، ريموٽ سينسنگ ۽ جاگرافيائي ٽيڪنالاجيز جي ذريعي مقامي آبادگارن کي مٽيءَ، فصل، موسم، پاڻي وسيلن ۽ جيتن جي نگراني بابت وقت سر صحيح معلومات فراهم ڪندو ۽ گڏوگڏ موثر مارڪيٽنگ جي نظام جي ذريعي مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ کان گهٽ ڪندو.