اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان پرڏيهي وزارت پاران طورخم ۾ پاڪ – افغان ??رح?? جي بندش بابت افغان پرڏيهي وزارت جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ??هي ته ع??ور?? افغان عملدار طورخم تي پاڪستان افغانستان ??رح?? جي عارضي بندش ج?? سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي اندر ع??ور?? افغان حڪومت پاران ڪنهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان فوجين کي اهڙي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال انگيز فائرنگ جو سهارو ورتو، پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان ۽ افغان شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان چيو ته پاڪستاني ??رح?? چوڪين تي اهڙي قسم جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال انگيز فائرنگ سان دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصرن جي افغانستان جي اندر پناهگاهون آهن جنهن جي تصديق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سدائين چيو ??هي ته اسان جي خواهش ??هي ته افغانستان سان ??رح?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي ??رح?? هجي، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي، پاڪستان پاڪ افغان ??رح?? تي مقرر افغان فوجين پاران مسلسل بنا جواز اشتعال انگيزين جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو ??هي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي. ترجمان چيو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته ??رح?? تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ پاڪستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت فراهم ڪئي ??هي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار ??هي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان ع??ور?? عملدار پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندا. پاڪستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.