مدين?? منوره – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نجي دوري تي مدين?? منوره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مديني جي گورنر فيصل بن سلمان مدينه ايئرپورٽ جي شاهي ٽرمينل تي پاڪستان جي سفير احمد فاروق، پاڪستاني سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ جنرل جي ٻين اعلي?? آفيسرن سان گڏ سندس شاندار استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم سڀاڻي عمري جي ادائيگي جي لاءِ جده روانو ٿيندو.