اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي اربع ڏينهن ٿيندڙ هنگامي اجلاس جي نتيجي تي مايوس?? جو اظهار ڪندي غزه تي بمباري ۽ غيرانساني ناڪابندي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته سلامتي ڪائونسل کي انساني تباه?? جو سبب بڻجندڙ بمباري ۽ ناڪابندي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ترجمان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ اس??ائ??ل مان غزه جي پٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ، ويڙهه ۾ وقفي ۽ شهري?? جي اتان نڪرڻ جي حڪم کي ختم ڪرڻ جي قرارداد تي آمريڪا پاران ويٽو پاور جي استعمال جو حوالو ڏنو. اهو اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارات غزه جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ گهرايو هو. برازيل پاران پيش ڪيل قرارداد کي وسيع حمايت حاصل هئي ۽ ??ن ۾ شهري?? جي خلاف هر قسم جي تشدد جي مذمت پڻ ڪئي وئي. 15 رڪني ڪائونسل ۾ هڪ (آمريڪا) جي مقابلي ۾ 12 ووٽ پيا جڏهن ته روس ۽ چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. هن چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ يقين نه ٿو رکي پر جنگبندي ۽ دشمن?? جو خاتمو چاهي ٿو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. ان سوال ته ڇا پاڪستان ڪنهن مينڊيٽ تحت اس??ائ??ل جي خلاف جنگ نه پر امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي فوج فلسطين موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو ج?? جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان جو اهڙو ڪو منصوبو نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف پرامن آهي ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن ملڪ سان جنگ شروع نه ڪئي ۽ مسئل?? جي حل لاءِ سدائين ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو. هن غزه ۾ اس??ائ??لي ظلمن خاص طور تي اسپتال تي تازي حملي تي پاڪستا?? جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته شهرين تي ڄاڻي واڻي حملو جنگي ڏوه?? جي زمري ۾ اچي ٿو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته فلسطيني?? جي لاءِ هڪ چارٽرڊ جهاز 100 ٽن انساني امداد بشمول طبي سامان، خيما ۽ ڪمبل کڻي مصر روانو ٿيندو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان مان غيرقانوني غيرملڪي شهري?? جي وطن واپسي جي موضوع تي سفارتي ڪور جي لاءِ هڪ بريفنگ سيشن منعقد ڪيو ويو. هن چيو ته هراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اداراجاتي طريقيڪار تيار ڪيو ويو آهي ۽ شڪايت?? جي ازالي جي لاءِ هڪ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. 31 آڪٽوبر جي آخري تاريخ ۾ ڪنهن به توسيع بابت پڇڻ تي هن چيو ته حڪومت وٽ اهڙو ڪو به فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي. اربع ڏينهن جده ۾ غزه جي معاملي تي ٿيندڙ او آءِ سي جي وزارتي اجلاس بابت ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته گڏيل پڌرنامو ميمبر م??ڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چي?? جي جاري دور?? جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهو دورو سي پيڪ جي ڏهاڪي جي جش?? جي مناسبت سان آهي، چيني قيادت سان ملاقات، تقريب ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ۽ ٿينڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ان دور?? جو حصو آهن. هن چيو ته دوري دوران پاڪستان ۽ چين رابطي، مواصلاتي منصوبن بشمول ايم ايل ون، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ، صنعتي تعاون ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندي ترجمان گذريل جمعي ڏينهن سرينگر جي جامع مسجد کي زبردستي بند ڪرڻ ۽ ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي گهر ۾ نظربند ڪرڻ جو حوالو ڏنو جنهن کي تازو ئي چار سال جي نظربندي کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تائين ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي حمايت جاري رکندو.