بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان پائيدار ۽ جامع ترقي جي ويزن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي، چي??ي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي موقعي تي مختلف چي??ي ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن نگر??ن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ من ميٽلز، ايم سي سي، چائنا ڪميونيڪش??ز ڪنسٽرڪشن ڪمپني (سي سي سي سي)، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن (سي آر بي سي)، سي او ايف سي او، امر انٽرنيشنل گ??وپ?? پاور چائنا، چائنا انرجي ۽ چائنا گيزوبا گروپ جا چي?? ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سربراهه شامل هئا. نگر??ن وزيراعظم چي??ي ڪاروباري شخصيتن کي معاشي ۽ مالياتي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. نگر??ن وزيراعظم پائيدار ۽ جامع ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو اظهار ڪندي چي?? ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي جنهن جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جيڪا غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ سهولت جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي. نگر??ن وزيراعظم چي?? جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز کي چي?? ته اهي پاڪستان ۾ آءِ سي ٽي، زراعت، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي چي?? جي ڪاروباري شخصيتن غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪر جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي نگر??ن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت آگاهه ڪيو. هنن پاڪستان جي ڪاروباري حصيدارن سان گڏجي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگر??ن وزيراعظم چي??ي ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽوز کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ انهن کي چي?? ته اهي لاڳاپيل وزيرن سان پنهنجي ڪاروباري معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪن.