اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پا??ست??نين هميشه ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪ جي ترقيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين وطن جي نمائندگي بنائڻ پ پ جو اصولي مؤقف آهي. اهڙو اظهار هن لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسلر افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف سڄي دنيا ۾ پا??ست??ن جي بهتر سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين کي ملڪ جي بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي اهم ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??ني ملڪي معيشت کي به??ري?? سهارو ڏئي رهيا آهن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين کي ملڪ جي سماجي، اقتصادي شعبي سميت هر شعبي ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسپيڪر چيو ته پا??ست??ني عوام هميشه مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين کي درپيش چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته پا??ست??ن جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملڪي ميڊيا کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسل افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين جي وفد قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهه ۾ پا??ست??ني هاءِ ڪمشنرز سان ويجهن رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. وفد جي ميمبرن خا?? طور تي پ??ڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين پرڏيهه ۾ ثقافت جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻي ميئر هونسلو سمعيه چوڌري، ڪونسلر رياض گل، ڪونسلر ودود مشتاق ۽ چوڌري منظور شامل هئا.