سرينگر – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين اڄ شهداءِ ڄمون ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهايو ته اهي شهيدن جي مشن کي پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب نومبر 1947ع جي پهرين هفتي دوران ڊوگره مهاراجا هري سنگهه جي فورسز، ڀا??تي فوج ۽ هندوتوا انتهاپسندن ڄمون خطي جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪشميرين کي ان وقت شهيد ڪري ڇڏيو هو جڏهن اهي پاڪستان طرف هجرت ڪري رهيا هئا. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي مسجدن ۾ ڀا??تي قبضي کان ڄمون ۽ ڪشمير جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعاون گهريون ويون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻن شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي تهاڙ ??يل مان جاري پنهنجي پيغامن ۾ چيو ته 1947ع ۾ ڄمون ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان افسوسناڪ واقعو آه?? جنهن جي ياد 75 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪشميرين جي ذهنن ۾ تازي آه??. هنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها والاريل علائقي ۾ رتوڇاڻ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. مودي جي قيادت هيٺ ڀا??تي حڪومت ڪشميرين جي روزمره جي سرگرمين تي نظر رکڻ جي لاءِ پوليس جي پي ايس ٽريڪر سان ليس ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آه??. ٻئي طرف پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي سرينگر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پوليس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل دلباغ سنگهه جي ڪشمير ۾ صورتحال معمول تي اچڻ بابت بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن حيرت جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن والاريل علائقي ۾ حالتون ٺيڪ آه?? ته مودي حڪومت ڪشمير ۾ ماڻهن جي آزادي ڇو غضب ڪري رکي آه??؟ هن چيو ته ڪشميري سرڪاري ملازمن جي جڳهه تي ڀا??ت جي ه??دوتوا ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرڻ هڪ وڏي قدم طور ڀا??تي حڪومت والاريل ڄمون ۽ڪ شمير ۾ آزادي پسند سرگرمين جي حمايت جي الزام ۾ 55 مقامي ملازمن کي بطرف ڪري ڇڏيو آه??. اهو انڪشاف ڪشمير جي لفيٽيننٽ گورنر منوج سنها نئين دهلي ۾ هڪ تقريب ۾ دوران ڪيو. اڄ اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ ۽ ڪشمير لبريشن ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد هڪ تقريب ۾ مقررين عالمي برادري تي ڪشمير تڪرار جي حل تي زور ڏنو ته جيئن ان تباهي کان بچي سگهجي جيڪو حل طلب فلسطين مسئلي جي ڪري وچ اوڀر کي درپيش آه??.