اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن ۽ استحڪام اسان جي اولين ترجيح آهي، بي اين اي جي سربراهه سرفراز بنگلزئي ??رف مريد بلوچ جو ساٿين سميت هٿيار اڇلائڻ پاڪستان ۽ بلوچستان جي لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي ??هي. ايڪس تي جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بي اين اي جي اڳوڻي سربراهه گلزار امام شمبي جي ويجهي ماضي ۾ گرفتاري کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آڻڻ کانپوءِ هي ٻي وڏي اهم اڳڀرائي ??هي. هن چيو ته عليحدگي پسند عسڪريت پسندن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان جي رياس?? ۽ ??دارا هڪ هم اهنگي جي موقف کي شموليت جي ذريعي امن کي اختيار ڪندي فروغ ڏئي ??هيا آهن، هي قدم پائيدار امن، افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪميون??يز جي نئين سر تعمير جو عڪاس آهي. هن چيو ته گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ هم آهنگ ۽ محفوظ مستقبل جي راهه هموار ڪري رهيا آهيون. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين خاص طور تي آئي ??يس آئي ??ي ڪوششن کي ساراهيو جن ??ن مُشڪل ڳجهي آپريشن جي قيادت ۽ منصوبابندي ڪئي ۽ ان کي انجام تائين پهچايو.