ڪراچي – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زور ڏنو آهي ته معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي ??اء?? آگاهي فراهم ڪرڻ، ا??هن کي تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي. هو ڊائون سنڊروم ۽ ٻين ذهني چئلينجن ۾ ورتل ماڻهن جي اداري سوسائٽي فار چلڊرن ان نيڊ آف اسپيشل اسسٽنس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار معاشري جو حصو آهن ۽ ا??هن کي زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان اهي پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ روزاني جا ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻجي سگهن ٿا. هن اهڙن ماڻهن جي ??اء?? ا??هن جي صلاحيتن موجب روزگار جا خصوصي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ا??هن کي ا??هن ملازمتن جي ??اء?? گهربل مخصوص هنر سيکارڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي ??اء?? معمول جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي زور ڏيڻ جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان کي پاڪستان ۾ به خصوصي ماڻهن جي ??اء?? روايتن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سرڪاري شعبي جي ملازمتن ۾ مختلف ماڻهن جي ??اء?? خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪري ان سلسلي ۾ ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته بئنڪنگ سيڪٽر پڻ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مختلف بئنڪن جي سربراهن پڻ وڌيڪ خاطري ڪرائي آهي ۽ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي شموليت ۽ ا??هن کي بااختيار بڻائڻ بابت تازي اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڏي پئماني تي آگا??ي سماجي تاثر ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان جو مشاهدو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خصوصي مهمان دوران ٿيو. هن چيو ته آگاهي جي قدمن بشمول علامتن ۽ روڪٿام بابت ٽيڪسٽ ۽ صوتي پيغام سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين پهتا ج??هن سان سوين قيمتي جانيون بچي ويون. ڊاڪٽر عارف علوي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي حوالي سان وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هوءَ ذهني صحت جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. صدر مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي خصوصي سارسنڀال ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ ا??هن کي زندگي جون بنيادي مهارتون سيکارڻ تي سوسائٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي سوسائٽي جي اعزازي سيڪريٽري ذوالفقار علي رمزي چيو ته ان ح??يقت کي سمجهندي ته خصوصي سارسنڀال ۽ آگا??ي سان مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار پنهنجي زندگي گذار سگهن ٿا ته سوسائٽي ا??هن کي سموريون ضروري مهارتون فراهم ڪري رهيو آهي. پرنسپل ايس ڊي ايڇ، رضوانه خانم بريفنگ ڏني ته سوسائٽي جو وڏو مقصد مختلف قسم جي مشڪلاتن ۾ ورتل ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي ??اء?? هڪ پل??ٽ فارم قائم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي معاشري جي پاڻڀرو ۽ قدر ۾ اضافو ڪندڙ ماڻهو بڻجي سگهن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف معذور ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي ??اء?? سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي ??اء?? اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ا??هن خصوصي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي پيشيواراڻي سرگرمين يا راندين ۾ مصروف هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي سوسائٽي جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.