اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيهي وزي?? وفد سان گڏ اي??ان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صد?? وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتص??دي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چين جو تعاون پاڪستان جي صنعتي ترقي جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اقتص??دي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتص??دي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي، تا??يوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بني??دي مسئلن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين جو ٿورائتو آهي. چين جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تا??يخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا دوران چين جي دوري تي صدر پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.